مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

شڪاري ڪُتي جي شڪار جو حڪم

یَسۡـَٔلُوۡنَکَ مَاذَاۤ اُحِلَّ لَہُمۡ ؕ قُلۡ اُحِلَّ لَکُمُ الطَّیِّبٰتُ ۙ وَ مَا عَلَّمۡتُمۡ مِّنَ الۡجَوَارِحِ مُکَلِّبِیۡنَ تُعَلِّمُوۡنَہُنَّ مِمَّا عَلَّمَکُمُ اللّٰہُ ۫ فَکُلُوۡا مِمَّاۤ اَمۡسَکۡنَ عَلَیۡکُمۡ وَ اذۡکُرُوا اسۡمَ اللّٰہِ عَلَیۡہِ ۪ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ سَرِیۡعُ الۡحِسَابِ ﴿۴﴾(المائده: ۴)

(٤) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کين حلال آهن؟ تون چئو ته، جيڪي به چڱيون شيون آهن، سي سڀ توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانور جن کي توهان شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني آهي ۽ (شڪار جو طريقو) جيئن خدا توهان کي سيکاريو آهي (يعني خدا جي ڏنل عقل ۽ ذهن سان توهان ڳولي ڪڍيو آهي) انهن شڪاري جانورن کي سيکاريو ته پوءِ جيڪو شڪار هو پڪڙين ۽ توهان جي لاءِ رکن ته اهو توهان بيشڪ کائو، پر گهرجي ته (شڪاري جانور کي شڪار تي ڇڏڻ وقت) خدا جو نالو وٺو (جيئن ذبح ڪرڻ وقت وٺندا آهيو) ۽ (هر حال ۾) الله کان ڊڄندا رهو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ (عملن جو) حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي.