عهد ٽوڙيندڙ ڪافرن سان جنگ ڪريو
(١٢) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجو عهدو پيمان جو پاڻ ڪري چڪا آهن ٽوڙي ڇڏين ۽ اوهان جي دين کي طعني طور گهٽ وڌ ڳالهائين ته پوءِ (هن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته انهن) ڪفر جي سردارن سان جنگ ڪيو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو قسم ناهي. (۽ توهان کي جنگ هن لاءِ ڪرڻ گهرجي) تان ته هو (ظلم ۽ بدعهدي کان) باز اچي وڃن.