مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

توحيد جو سبق

قُلۡ ہُوَ اللّٰہُ اَحَدٌ ۚ﴿۱﴾ اَللّٰہُ الصَّمَدُ ۚ﴿۲﴾ لَمۡ یَلِدۡ ۬ۙ وَ لَمۡ یُوۡلَدۡ ۙ﴿۳﴾ وَ لَمۡ یَکُنۡ
لَّہٗ کُفُوًا اَحَدٌ ٪﴿۴﴾ (الاخلاص: ۱ کان ۴)

(١) (اي پيغمبر! تنهنجي مڃيندڙن لاءِ بنيادي نقطو الله تعاليٰ جي عظمت آهي، کين) چئون ته، الله پنهنجي ذات ۽ صفتن ۾ اڪيلو ئي آهي. (٢) الله پاڻ بي پرواهه آهي. (باقي سڀئي زندگي ۽ اوسر جي لاءِ سندس محتاج آهن. (٣) نه (ڪنهن کي) ڄڻيو اٿس ۽ نه ان کي ڪنهن ڄڻيو آهي. (بلڪ سڀني کي توليد جي بجاءِ تخليق جي عمل سان پيدا ڪيو اٿس). (٤) ۽ ان جو (همسر يا ان جو مثال يا ان جو) مَٽ آهي ئي ڪونه.