غيب صرف الله تعاليٰ کي حاصل آهي
(١٢٣) ۽ (ياد رک ته) الله ئي کي آسمان ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم آهي. ۽ سڀ ڪم سندس ئي اڳيان رجوع ٿين ٿا. تنهن ڪري سندس ئي بندگيءَ ۾ لڳو رهه (يعني سڀ فرض ۽ حڪم بجا آڻيندو رهه) ۽ مٿس ڀروسو رک (ته آخر نيڪ ماڻهو ڪامياب ٿيندا ۽ بد ماڻهو نقصانن هيٺ ايندا) تنهنجو پروردگار انهن عملن کان غافل ناهي، جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن (هو ماڻهن جا سڀ عمل ڄاڻي ٿو ۽ انهن جو حساب وٺي ٿو ۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.