جنت ۽ جهنم وارن جون وصفون
(٣٤) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي. (٣٥) جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين. (٣٦) ۽ ڏسڻ واري لاءِ (سندس اکين اڳيان) دوزخ ظاهر ڪيو ويندو. (٣٧) ته پوءِ جيڪو (زندگيءَ جي عملن ۾) حدن کان لنگهيو هوندو. (٣٨) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي (آخرت جي حياتيءَ تي) پسند ڪيو هوندائين. (٣٩) ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي. (٤٠) ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون (حساب ڪتاب جي سختي واري حالت ۾) بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي (ان خوف جي ڪري) نفس کي خواهشن کان روڪيو هوندائين. (٤١) ته بيشڪ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي.