پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو
(٤٥) اي مؤمنؤ! جڏهن (حملو ڪندڙن جي) ڪنهن ٽوليءَ سان اوهان جو مقابلو ٿئي تڏهن لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهو ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪيو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪامياب ٿيو. (٤٦) ۽ الله ۽ سندس رسول جو چوڻ مڃو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو (بي اتفاقي نه ڪيو، هڪ ٿي وڃو) ائين ڪندؤ (يعني پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪندؤ) ته توهان جون دليون هارجي وينديون ۽ اوهان جي طاقت هلي ويندي ۽ (مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾) صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي صبر ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهندڙ آهن.
****
وَ اَعِدُّوۡا لَہُمۡ مَّا اسۡتَطَعۡتُمۡ مِّنۡ قُوَّۃٍ وَّ مِنۡ رِّبَاطِ الۡخَیۡلِ تُرۡہِبُوۡنَ بِہٖ عَدُوَّ اللّٰہِ وَ عَدُوَّکُمۡ وَ اٰخَرِیۡنَ مِنۡ دُوۡنِہِمۡ ۚ لَا تَعۡلَمُوۡنَہُمۡ ۚ اَللّٰہُ یَعۡلَمُہُمۡ ؕ وَ مَا تُنۡفِقُوۡا مِنۡ شَیۡءٍ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ یُوَفَّ اِلَیۡکُمۡ وَ اَنۡتُمۡ لَا تُظۡلَمُوۡنَ ﴿۶۰﴾ (الانفال: ۶۰)
(٦٠) ۽ (اي مسلمانو!) جيتري قدر ئي ٿي سگهي اوتري قدر پاڻ ۾ قوت پيدا ڪري ۽ گهوڙا (جنگ لاءِ) تيار رکي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجو (جنگ جو) سامان تيار ڪندا رهو. ڇو ته اهڙيءَ طرح تيار رهڻ سان اوهان الله جي دشمن ۽ پنهنجي دشمنن تي پنهنجو ڌاڪو ۽ رعب ڄمائيندؤ ۽ پڻ انهن ماڻهن کان علاوه ٻين تي ڌاڪو ڄمائيندؤ، جن جي توهان کي خبر ناهي (ته اوهان جا دشمن آهن) الله تعاليٰ انهن کي ڄاڻي ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله جي راهه ۾ (يعني جهاد جي تياريءَ ۾) توهان جيڪو به خرچ ڪندؤ سو توهان کي پورو پورو ملي ويندو ۽ اوهان جو حق هرگز تلف نه ڪيو ويندو.