مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

طلاق ۽ عدت

وَ اِذَا طَلَّقۡتُمُ النِّسَآءَ فَبَلَغۡنَ اَجَلَہُنَّ فَاَمۡسِکُوۡہُنَّ بِمَعۡرُوۡفٍ اَوۡ سَرِّحُوۡہُنَّ بِمَعۡرُوۡفٍ ۪ وَ لَا تُمۡسِکُوۡہُنَّ ضِرَارًا لِّتَعۡتَدُوۡا ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ فَقَدۡ ظَلَمَ نَفۡسَہٗ ؕ وَ لَا تَتَّخِذُوۡۤا اٰیٰتِ اللّٰہِ ہُزُوًا ۫ وَّ اذۡکُرُوۡا نِعۡمَتَ اللّٰہِ عَلَیۡکُمۡ وَ مَاۤ اَنۡزَلَ عَلَیۡکُمۡ مِّنَ الۡکِتٰبِ وَ الۡحِکۡمَۃِ یَعِظُکُمۡ بِہٖ ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ بِکُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمٌ ﴿۲۳۱﴾٪ (البقره: ۲۳۱)

(٢٣١) جڏهن توهان پنهنجي زال کي طلاق ڏيو تڏهن يا ته عدت جي اندر هنن کي چڱي طريقي سان پاڻ وٽ زال ڪري رهايو يا ته (آخري طلاق بعد) چڱي طريقي سان هن کي اماڻي ڇڏيو. ائين نه ٿئي جو هنن کي نقصان پهچائڻ لاءِ روڪي رکو ۽ مٿس ظلم ڪيو. (نڪي زال ڪري وهاريو، نڪي وڃڻ ڏيوس جيئن اڳي بت پرست عرب ڪندا هئا) جيڪو ائين ڪندو سو پنهنجو ئي نقصان ڪندو. ائين نه ڪيو جو الله جي حڪمن کي کيل تماشو بنائي ڇڏيو (اڄ نڪاح ڪيو سڀاڻي طلاق ڏني) پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪيو. الله تعاليٰ ڪتاب ۽ حڪمت مان جو ڪجهه نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان اوهان کي چڱيون نصيحتون ڏئي ٿو (سي ڪڏهن نه وسارجو) ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ جو علم آهي.