مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

گناهه ۽ظلم جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو

وَ تَعَاوَنُوۡا عَلَی الۡبِرِّ وَ التَّقۡوٰی ۪ وَ لَا تَعَاوَنُوۡا عَلَی الۡاِثۡمِ وَ الۡعُدۡوَانِ ۪ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ ؕ اِنَّ اللّٰہَ شَدِیۡدُ الۡعِقَابِ ﴿۲﴾ (المائده: ۲)

(توهان جو دستور ته هي هئڻ گهرجي ته) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو، مگر گناهه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو، ۽ (خبردار!) الله کان ڊڄندا رهو، جو يقيناً (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي.
****

وَ عَنَتِ الۡوُجُوۡہُ لِلۡحَیِّ الۡقَیُّوۡمِ ؕ وَ قَدۡ خَابَ مَنۡ حَمَلَ ظُلۡمًا ﴿۱۱۱﴾ (طــٰھٰ: ۱۱۱)

(١١١) سڀني ماڻهن جا منهن انهيءَ هميشه جيئري ۽ قائم رهندڙ خدا جي اڳيان جهڪي پوندا. جنهن ظلم جو بار پاڻ تي وڌو هوندو سو نامراد ۽ ناڪامياب ۽ تباهه ٿيندو.