نيڪي اصل ۾ ڇا آهي؟
(البقره: ۱۷۷)
(١٧٧) نيڪي ۽ بزرگي انهيءَ ۾ ناهي ته توهان (نماز جي وقت) پنهنجو منهن مغرب يا مشرق ڏي ٿا ڦيرايو (يا اهڙيون ظاهري رسمون بجا ٿا آڻيو) پر سچ پچ نيڪ ماڻهو اهي آهن جيڪي الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، خدائي ڪتابن تي ۽ خدا جي سڀني نبين تي پورو ايمان رکن ٿا، خدا جي محبت وچان پنهنجو مال مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ڏين ٿا ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوٰت ڏين ٿا، جڏهن ڪو عهد اقرار ڪن ٿا ته اهو پورو ڪن ٿا، تنگي ۽ مصيبت جي حالت ۾ يا خوف ۽ هراس جي وقت ۾ صبر ڪرڻ وارا (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم) ٿين ٿا. بيشڪ اهي ئي ماڻهو نيڪيءَ جي راهه ۾ سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن.