مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مڪر ڪندڙن جي لاءِ سخت عذاب آهي

مَنۡ کَانَ یُرِیۡدُ الۡعِزَّۃَ فَلِلّٰہِ الۡعِزَّۃُ جَمِیۡعًا ؕ اِلَیۡہِ یَصۡعَدُ الۡکَلِمُ الطَّیِّبُ وَ الۡعَمَلُ الصَّالِحُ یَرۡفَعُہٗ ؕ وَ الَّذِیۡنَ یَمۡکُرُوۡنَ السَّیِّاٰتِ لَہُمۡ عَذَابٌ شَدِیۡدٌ ؕ وَ مَکۡرُ اُولٰٓئِکَ ہُوَ یَبُوۡرُ ﴿۱۰﴾ (الفاطر: ۱۰)

(١٠) جيڪو ماڻهو عزت ۽ طاقت (حاصل ڪرڻ) چاهي ٿو (تنهن کي ياد رکڻ گهرجي ته) سڀ شان ۽ طاقت الله جي آهي ۽ الله جي لاءِ آهي. پاڪ لفظ ۽ پاڪ ڳالهيون الله تعاليٰ ڏي چڙهي وڃن ٿيون ۽ صالح عمل ان کي (يعني صالح عمل ڪندڙ کي) مٿي کڻي وڃن ٿا (يعني کيس عزت ۽ وڏو مرتبو حاصل ڪرائين ٿا) پر جيڪي ماڻهو برائيون رٿين ٿا ۽ برائيون ڪن ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب (تيار رکيل) آهي. انهن ماڻهن جون (اهي برائيءَ جون) تدبيرون ڊهي پونديون.