گناهگاريءَ ۾ عدم اطاعت جو حڪم
(٢٤) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ انهن مان ڪنهن به (اهڙي) ڏوهي يا ڪافر جو چيو ٽاري ڇڏ (جنهن جومقصد توکي ان رستي تان ٿڙڪائڻ آهي). (٢٥) ۽ (ان کان بچڻ جو طريقو هي آهي ته تون) پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر. (٢٦) ۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي ۽ عظمت بيان ڪندو رهه.