نيڪين ۾ جلدي ڪرڻ وارا
(٥٧) (پر) جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي خوف ۾ ڊڄندا رهن ٿا. (٥٨) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي نشانين تي ايمان آڻين ٿا. (٥٩) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿا ڪن. (٦٠) ۽ جيڪي (خدا جي راهه ۾) جيڪي ڏيئي سگهن ٿا سو وڏيءَ دل سان ڏين ٿا، ۽ (تنهن هوندي به) سندن دليون ڏڪنديون رهن ٿيون. (هن خيال کان) ته نيٺ پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ موٽڻو آهي. (متان اتي شرمسار ٿيڻو پوي.) (٦١) اهي ئي آهن جيڪي چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تيز آهن. ۽ اهي ئي آهن جي (هن راهه ۾) سڀني کان اڳي نڪري وڃڻ وارا آهن.