مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

دين ۾ يڪسوئي

فَاَقِمۡ وَجۡہَکَ لِلدِّیۡنِ حَنِیۡفًا ؕ فِطۡرَتَ اللّٰہِ الَّتِیۡ فَطَرَ النَّاسَ عَلَیۡہَا ؕ لَا تَبۡدِیۡلَ لِخَلۡقِ اللّٰہِ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ ٭ۙ وَ لٰکِنَّ اَکۡثَرَ النَّاسِ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ﴿٭ۙ۳۰﴾ مُنِیۡبِیۡنَ اِلَیۡہِ وَ اتَّقُوۡہُ وَ اَقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ لَا تَکُوۡنُوۡا مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿ۙ۳۱﴾ (الروم: ۳۰، ۳۱)

(٣٠) سو (اي منهنجا پيغمبر!) تون (غيرن جي حڪمن ۽ خواهشن کان منهن موڙي) فقط الله جي سيکاريل سچي دين تي پنهنجو رخ محڪم رک (يعني رڳو سندس حڪمن جي پيروي ڪر اهو سچو دين ڪهڙو آهي؟) اهو آهي الله تعاليٰ جي فطرت (يا جوڙ) جنهن تي انسانن کي پيدا ڪيو اٿس. انهيءَ (اعليٰ ۽ نيڪ) فطرت ۾ جنهن تي الله تعاليٰ (انسان کي) خلقيو آهي ڪابه ڦيرڦار ٿيڻ نه ڏيو. اهوئي آهي سچو ۽ سڌو دين. پر (افسوس جو) اڪثر ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن. (٣١) (پنهنجي فطرت يعني سچي دين کان جيڪڏهن هٽي ويا آهيو ته وري به) انهيءَ الله ڏانهن موٽو ۽ سندس نافرمانيءَ جي نتيجن کان ڊڄو ۽ نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ مشرڪ نه ٿيو (يعني فقط هڪ الله جا فرمانبردار ٻانها ٿي رهو).
****

فَاَقِمۡ وَجۡہَکَ لِلدِّیۡنِ الۡقَیِّمِ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَ یَوۡمٌ لَّا مَرَدَّ لَہٗ مِنَ اللّٰہِ
یَوۡمَئِذٍ یَّصَّدَّعُوۡنَ ﴿۴۳﴾ (الروم: ۴۳)

(٤٣) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجو رخ سچي دين تي (يعني خدا جي خالص ٻانهپ تي) محڪم رک انهيءَ کان اڳي جو اهو ڏينهن (تباهيءَ جو) الله تعاليٰ وٽان اچي وڃي جنهن کي پوءِ ڪابه روڪ ڪانه ٿي سگهندي (يعني پوءِ تباهيءَ کان بچي ڪونه سگهبو.) انهيءَ ڏينهن سڀ ماڻهو جدا جدا (ٽولين ۾) ورهائجي ويندا (گنهگارن کي جدا ڪري تباهه ڪيو ويندو ۽ نيڪن کي جدا ڪري ڪامران ڪيو ويندو.)