شيطان جي پيروي نه ڪيو
اِنَّہٗ لَکُمۡ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۶۸﴾ (البقره: ۱۶۸)
(١٦٨) اي انسانؤ! زمين تي جيڪي به حلال ۽ پاڪ شيون موجود آهن سي بيشڪ شوق سان کائو (پاڻ تي اجايون رڪاوٽون وجهڻ شيطاني وسوسا آهن) توهان شيطان جي نقش قدم تي نه هلو، هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.
****
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوا ادۡخُلُوۡا فِی السِّلۡمِ کَآفَّۃً ۪ وَ لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ
اِنَّہٗ لَکُمۡ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۲۰۸﴾ (البقره: ۲۰۸)
(٢٠٨) اي ايمان وارؤ! (اعتقاد ۽ عمل جي سڀني ڳالهين ۾) پوريءَ طرح (نه رڳو نالي طور) مسلمان (فرمانبردار) ٿيو ۽ خبردار! متان شيطاني وسوسن جي پيروي ڪريو. شيطان ته اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي.
****
وَ مِنَ الۡاَنۡعَامِ حَمُوۡلَۃً وَّ فَرۡشًا ؕ کُلُوۡا مِمَّا رَزَقَکُمُ اللّٰہُ وَ لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ اِنَّہٗ لَکُمۡ عَدُوٌّ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۴۲﴾ۙ (الانعام: ۱۴۲)
(١٤٢) ۽ (ڏسو ته) انهيءَ ئي خدا (اوهان جي لاءِ) ڍورن مان ڪي بار کڻڻ لاءِ پيدا ڪيا، (جيئن گڏهه، خچر ۽ اٺ) ۽ ڪي زمين سان لڳل (يعني ننڍي قد وارا جي سواري ۽ بار کڻڻ جي ڪم نٿا اچي سگهن جهڙوڪ رڍون ۽ ٻڪريون) سو جيڪي جيڪي خدا توهان جي روزيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي سو (بي ڌڙڪ) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو. بيشڪ هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.
****
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّبِعُوۡا خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ ؕ وَ مَنۡ یَّتَّبِعۡ خُطُوٰتِ الشَّیۡطٰنِ فَاِنَّہٗ یَاۡمُرُ بِالۡفَحۡشَآءِ وَ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لَوۡ لَا فَضۡلُ اللّٰہِ عَلَیۡکُمۡ وَ رَحۡمَتُہٗ مَا زَکٰی مِنۡکُمۡ مِّنۡ اَحَدٍ اَبَدًا ۙ وَّ لٰکِنَّ اللّٰہَ یُزَکِّیۡ مَنۡ یَّشَآءُ ؕ وَ اللّٰہُ سَمِیۡعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۲۱﴾
(النور: ۲۱)
(٢١) اي مؤمنؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلجو، (يعني سندس عملن جهڙا عمل نه ڪجو) ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو سو ته ضرور فاحش ڪم ۽ گناهه ڪرڻ جو ئي حڪم ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان هڪ به (انهيءَ گناهه کان) پاڪ نه هجي ها، پر خدا جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (سندس دل جو حال ڄاڻي سندس توبه قبول ڪري) پاڪ ڪري ٿو ڇڏي ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.