مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله جي فرمانبرداري ۽ چڱا عمل

وَ مَنۡ یُّسۡلِمۡ وَجۡہَہٗۤ اِلَی اللّٰہِ وَ ہُوَ مُحۡسِنٌ فَقَدِ اسۡتَمۡسَکَ بِالۡعُرۡوَۃِ الۡوُثۡقٰی ؕ
وَ اِلَی اللّٰہِ عَاقِبَۃُ الۡاُمُوۡرِ ﴿۲۲﴾ (لقمان: ۲۲)

(٢٢) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به خدا جي اڳيان فرمانبرداريءَ سان سر جهڪائي ۽ چڱا عمل ڪري ٿو تنهن درحقيقت هڪ نهايت مضبوط، ۽ ڀروسي جهڙي رسيءَ جو سهارو ورتو آهي (۽ ياد رکو ته) سڀني معاملن جي پڇاڙي ۽ فيصلو آخر الله وٽ ئي اچڻو آهي.